”نماز پڙهندي سڀ حيران ٿيندا آهن“ غير مسلم والدين جي اڪيلي مسلمان ڌيءَ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ ناري جو گهراڻو عيسائي مذهب سان واسطو رکي ٿو پر اها ناري اسلام قبول ڪري چڪي آهي.

ڪروشيا سان واسطو رکندڙ حنا 17 سالن جي عمر ۾ اسلام قبول ڪيو هو، حجاب پهري ٿي ۽ سنجيده نظر ايندڙ حنا جا والدين کيس شروعات ۾ اهميت نه ڏيندا هئا.

کين لڳو ته هن کي شوق آهي ڪجهه ڏينهن ۾ لهي ويندو پر پريشاني ان وقت وڌي جڏهن ته هو عملي طور تي مسلمان ٿيڻ لڳي، برقعو پائڻ، نماز پڙهڻ ۽ اسلامي طور طريقن تي عمل ڪرڻ لڳي.

حنا جو چوڻ هو ته مان 5 وقت جي نماز پڙهندي آهيان، منهنجو ايمان منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي، حنا پنهنجي والدين جي فرمانبرداري به ڪري ٿي.

سندس ماءُ چوي ٿي ته کيس خبر نه هئي ته هو هميشه لاءِ تبديل ٿي وئي آهي، اهو سڀ ڏکيو هو ڇو ته منهنجي ڌيءُ 80 سالن جي سگهڙ عورت جهڙي رهڻي ڪهڻي سان هلي رهي هئي ۽ اهو مون کي قبول نه هو.

هن چيو ته ڊپ هو ته ڌيءُ جي اهڙي عمل بعد فيملي ۽ دوست واسطو ڇڏي ويندا، هڪ خوفناڪ تجربي جي حوالي سان حنا ٻڌائي ٿي ته هڪ شخص آيو ۽ مون کي چيائين ته توکي پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏڻ گهرجي، اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس.

هو ٻڌائي ٿي ته مون کي منهنجي مذهب ۽ ايمان تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ منهنجو ايمان وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.