ڄامشوري ۽ ميرپورماٿيلي ۾ نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

وامي آواز رپورٽ
ڄامشوري ۽ ميرپورماٿيلي ۾ نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا
وامي آواز رپورٽ ڄامشوري ۽ ميرپورماٿيلي ۾ نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

 

ڄامشوري ۽ ميرپورماٿيلي ۾ شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران آرٽس فيڪلٽي کان زيرو پوائنٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ميرپور ماٿيلي ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي شهرين فقير رمضان ڪلوڙ، محمد موسيٰ کوسي، مير حسن لاشاري، نذير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميڊيڪل رپورٽون اچڻ کانپوءِ هر شئي واضح ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ باوجود جوابدارن خلاف عملي ڪارروائي نه ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي، نمرتا جي رت کي رائگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته جوابدارن کي انجام تائين پهچائي متاثر ڪٽنب کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.