وارن کي اڇو ٿيڻ کان بچائڻ جا گھريلو نسخا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪالهه جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو مسئلو اڇا وار آهن، اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي شڪايت رڳو پوڙها ماڻهو نه پر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به ڪندي  نظر اچن ٿا. ڪيميڪلز سان تيار ٿيل بازاري شين جو استعمال وارن جي اڇاڻ ته ختم ڪري ڇڏي ٿو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهي ئي اڇا وار وري اچي وڃن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته خوبصورت، ڪارا، چمڪندڙ وار صحت جي نشاندهي هوندا آهن ۽ جڏهن وار اڇا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ته اها هڪ پريشاني جا ڳالهه آهي.

اڇا وار سدائين لاءِ ختم ڪرڻ جا چار سولا ۽ گھريلو نسخا آهن جن ذريعي اڇن وارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

پٽاٽي جو کلون

پٽاٽو هڪ اهڙي ڀاڄي آهي جنهن جو استعمال هر گھر جي ڪچن ۾ تقريبن هر روز ٿيندو آهي. جتي پٽاٽي جا ڪيترائي فائدا آهن اتي ان جي کلهه به گھڻن گھريلو نسخن ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.

پٽاٽي جي کلن جي فائدن مان هڪ فائدو  اهو به شامل آهي ته اهو وارن جي رنگ کي برقرار رکڻ ۾ قدرتي رنگ جو ڪم ڪندو آهي. ان جو استعمال وارن کي هڪ دم ڪارو ناهي ڪندو  پر اهو هوريان هوريان وارن کي اڇن کان ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان ۾ مهينن جو عرصو به لڳي سگھي ٿو.

پٽاٽي کي ڇلڻ کان پوءِ سڀئي کلون هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ان کان پوءِ ان ۾ 2 ڪوپ پاڻي وجهي سٺي طريقي پچايو، تقريبن 10 منٽن کان پوءِ ان کي وارن ۾ لڳايو ۽ 30 منٽن لاءِ لڳائي رکو. ان کان پوءِ سادي پاني سان مٿو ڌوئو.

گيهه

گيهه جو ڪم  رڳو پراٺي، حلوي ۽ ٻيون مزيدار شيون ٺاهڻ لاءِ ناهي گيهه جو هڪ ٻيو ڪم وارن جو رنگ برقرار رکڻ به آهي

ڳئون جي کير جو ٺهيل گيهه وارن ۾ سٺي طرح لڳايو، جيئن تيل لڳايو ويندو آهي. گيهه  کي هڪ ڪلاڪ وارن تي لڳائي ڇڏي ڏيو ان کان پوءِ مٿو ڌوئو، اهو نسخو هفتي ۾ ٻه ڀيرا ورجائڻ سان اوهان جي وارن جي اڇاڻ سدائين لاءِ ختم ٿي ويندي.

ڪافي

ڪافي  اڇن وارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ۽ ڪامياب dyeing agent  آهي جنهن جي باقاعدا استعمال سان نه رڳو وارن جو رنگ برقرار رکي سگھجي ٿو پر وارن کي صحت مند ۽ چمڪندڙ به بڻائي سگھجي ٿو.

وارن جي ڊيگھه جي حساب سان 2 کان 3 چمچا ڪافي جو پائوڊر کڻو ( ان ڳالهه جو خيال رکو ته جيڪا ڪافي اوهان کڻي رهيا آهيو ان ۾ ڪو ذائقو نه هجي ۽ ان جو رنگ گھرو هجي) ان کي 100 کان 150 ملي گرام پاڻي ۾ مڪس ڪيو. ان کان پوءِ ان کي بوائل ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو ۽ ان وقت تائين پچايو جيستائين اهو مڪسچر گھاٽو ٿي وڃي.

چلهو بند ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو، ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ ان کي مٿي تي لڳايو ۽ 45 منٽن کان پوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.

آملا

وٽامن سي سان ڀرپور آملا وارن لاءِ بهترين آهي، اهو نه رڳو وارن کي ڪارو ڪندو آهي پر ان جو استعمال وارن کي تيزي سان وڌائيندو آهي ۽ وار چمڪندڙ ۽ گھاٽا به بڻائيندو آهي.

آملا پائوڊر کي ناريل جي تيل ۾ گڏائڻ کان پوءِ ان کي پچائڻ لاءِ رکي ڇڏيو، جڏهن اهو سٺي طريقي پچي وڃي ته ان کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ 30 کان 40 منٽ لاءِ وارن ۾ لڳايو. جنهن کان پوءِ سادي پاڻي سان مٿو ڌوئي ڇڏيو. ياد رهي ته صابڻ يا شيمپو جو استعمال بلڪل ناهي ڪرڻو.

چار چمچا آملا جي پائوڊر ۾ ٻه چمچا پاڻي ۽ هڪ چمچو ليمي جي رس شامل ڪيو، ان مڪسچر کي سٺي طرح گڏائي پيسٽ ٺاهيو ۽ تقريبن هڪ ڪلاڪ لاءِ ان کي ڇڏي ڏيو. پوءِ ان پيسٽ کي وارن ۾ سٺي طريقي لڳائي 20 کان 25 منٽن تائين ڇڏي ۽ پوءِ ڌوئي ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.