قائم سرڪي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، 56 هين ڏينهن به ڌرڻو، ڊي ايس پي بدلي

ٺل(ن ع آ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل شڪارپور سوئيٽس ۽ بيڪري مالڪ ,ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي قتل کي 97 ڏينهن گذري چڪ آهن ليڪن ان جي  باوجود پوليس مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ انصاف نه ڪري سگهي آهي،ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ٺل جي شهرين جو تاريخي  احتجاج هلندڙ آهي،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مقتول جي وارثن ۽ سياسي پارٽين جي يو آءِ،ايس يو پي،ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ،رائيس ملز ليبر يونين، اهلسنت والجماعت، پ پ شهيد ڀٽو،جسقم(بشير قريشي)، جسم (رياض چانڊيو)،عوامي تحريڪ،سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين پارٽين پاران 56 هين ڏينهن به ٺل جي شاهه عبدالطيف لائبريري کان احتجاجي جلوس ڪڍيو، جيڪو شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو،جتي مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  مقتول جي پيءُ  شرف الدين سرڪي، جمال الدين جوش ٻرڙو،آدرش سنڌي,لياقت سرڪي، قاري عنايت الله مهر،اعجاز ڪنراڻي ۽ ٻين چيو ته 97  ڏينهن اڳ ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري جي مالڪ قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين پوليس مقتول جي خون سان انصاف نه ڪري سگهي آهي،ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگيها آهن،هنن چيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ وارثن کي مسلسل ڌمڪايوپيو وڃي ،پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري هنن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو، ربنواز ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار ڪيو وڃي. نيٺ ايڊيشنل آءِ جي سکر جي حڪم تي ڊي ايس پي مخدوم غلام محمد کي بدلي ڪيو ويو آهي،جڏهن ته احتجاج جي دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران ٽن ڏينهن ۾ ڊي ايس پي جي بدلي ۽ 10 ڏينهن ۾ مقتول جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري جو واعدو ڪيوهو،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن موجب مقتول قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو،ربنواز ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار ڪيو وڃي.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.