آزادي مارچ خلاف درخواست وقت کان اڳ قرار ڏئي خارج

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وفاقي راڄڌاني جي اعليٰ عدالت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي آزادي مارچ ۽ ڌرڻي جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي وقت کان اڳ قرار ڏيندي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي،چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله درخواست ڏيندڙ حافظ احتشام جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پر هو پنهنجي دليلن کان عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. درخواست ڏيندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تحفظ ختم نبوت ۽ ناموس رسالت جو نالو استعمال ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ به فيض  آباد ۾ به اهڙي طرح جو ڌرڻو لڳي چڪو آهي جنهن تي عدالت سڳوري به هڪ فيصلو ڏنو هو،حافظ احتشام چيو ته سپريم ڪورٽ ڊيموڪريسي پارڪ کي ڌرڻي جي لاءِ مختص ڪري رکيو آهي. چيف جسٽس اطهرمن الله پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته احتجاج ڪرڻ بنيادي حق آهي پر ٻين جو به حق آهي ته هو ان مان تنگ نه ٿين. 2014 ۾ به هن ئي عدالت چيو هو ته مظاهرين جو حق آهي ته هو ڌرڻو ڏئي سگهن.عدالت سڳوري جي جج  چيو ته 2014 ۾ هن عدالت پي ٽي آءِ ڌرڻي جو حڪم ڏنو هو ته ميجسٽريٽ اجازت ڏئي ۽ اهو ڊپٽي ڪمشنر جو ڪم آهي ته هو عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي. جج  چيو ته ڌرڻو هڻندڙ سپريم ڪورٽ ۽ هن  عدالت جي فيصلي جا پابند آهن،چيف جسٽس اطهر من الله  درخواست ڏيندڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان  جي درخواست وقت کان اڳ جي آهي ڇو ته اڃان تائين ڌرڻي جي لاءِ ڪنهن به درخواست ناهي ڏني. عدالت درخواست ڏيندڙ کي وڪيل ڪرڻ جو وقت ڏيندي هڪ هفتي جي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.