يوگرٽ قورمه روسٽ

شيون:

چڪن: هڪ ڪلو

ادرڪ، ٿوم جو پسيٽ: کائڻ جا ٻه چمچا

بصر: ٽئي عدد

ڌاڻن جو پائوڊر: هڪ کائڻ جو چمچو

ڏهي: ڏيڍ ڪوپ

ڪيوڙو ايسنس: چانهه جو هڪ چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

تيل/ گيهه: هڪ ڪوپ

تيار ڪرڻ جو طريقو

هڪ بصر کي پيهي وٺو ۽ ٻن بصرن کي سنهڙو ڪاٽيو. اڍ ڪوپ ڏهي ۾ هڪ کائڻ جو چمچو ادرڪ، ٿوم جو پيسٽ، پيٺل بصر، لوڻ ۽ گرم مصالحو پائونڊر وجهي مڪس ڪيو. ان مڪسچر ۾ مرغي جي ٽڪرن کي سٺي طرح ميري نيٽ ڪري هڪ ڪلاڪ لاءِ فرج ۾ رکي ڇڏيو.

هڪ ڪوپ ڏهي ۾ لوڻ، ڳاڙها مرچ ۽ ڌاڻا وجهي مڪس ڪريو ۽ گيهه جا چار چمچا گرم ڪري مصالحو لڳل مرغي جي ٽڪرن کي تيز باهه تي فرائي ڪري وٺو.

فرائنگ پين ۾ گيهه گرم ڪري ان ۾ ڪاٽيل بصر وجهي هلڪو فرائي ڪريو. ان ۾ ادرڪ ٿوم جو پيسٽ وجهي هڪ کان ٻن منٽن تائين فرائي ڪريو پوءِ ان ۾ فرائي ڪيل مرغي ۽ مصالحو مليل ڏهي وجهي سٺي طرح مڪس ڪريو ۽ وچولي باهه تي پچايو.

پندرنهن کان ويهن منٽن کان پوءِ جڏهن گوشت ڳري وڄي ته ان ۾ ڪيوڙو ايسنس هاري هلي باهه تي پنهنجن کان ستن منٽ لاءِ دم تي رکي ڇڏيو.

You might also like