”ٻيڻي محنت ڪري رهيا آهيون“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ٻيڻي محنت ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جي وڏن ڪيسن جي جلد اُڪلائڻ لاءِ پراميد آهيون.

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب جو ايمان ڪرپشن فري پاڪستان آهي، ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ٻيڻي محنت ڪري رهيا آهيون، قانون ۽ شاهدين تي وائٽ ڪالر ڪيسن کي انجام تائين پهچائينداسين.

هن چيو ته نيب کي هڪ لک 56 هزار 858 شڪايتون وصول ٿيون، 1249 ريفرنس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته 326 ارب رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويا.

سندس چوڻ هو ته نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، شڪايتون داخل ڪرائڻ ۾ اضافو عوام جو نيب تي اعتماد آهي، نيب ڪيسن کي اُڪلائڻ لاءِ 10 مهينن جو وقت مقرر ڪيو آهي.

You might also like