عورتون پريشان نه ٿين… هاڻ بيوٽي پارلر تي وڃڻ جي ضرورت ناهي

گرمين ۾ توهان جو آءِ شيڊو پمبڻين تي رجي هيٺ لهي ايندو آهي توهان جا وار خشڪ ۽ کرا ٿي ويندا آهن ۽ توهان جو رنگ توهان جي جلد جي رنگ جي ڀيٽ ۾ گھڻو خراب نظر اچڻ لڳندو آهي ۽ توهان پريشان ٿي پارلر ڏانهن رخ ڪنديون آهيو.

وار ننڍا ڪرائجن:

ان موسم ۾ جيڪڏهن توهان وارن جي ڪٽنگ ڪرايو ته بهتر رهندو ڇو جو گرمي ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشاني ڊگھن وارن سبب ٿيندي آهي هن حبس واري گرم موسم ۾ وارن ۾ چِپِ چِپِ شروع ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن تيل لڳايو ويندو آهي ته ان سان به وار خراب ٿي ويندا آهن ان ڪري ان موسم ۾ وار ننڍا ئي سٺا رهندا آهن.

فائونڊيشن کان موئسچرائيزر بهتر آهي:

جيڪڏهن توهان ميڪ اپ کان سواءِ ٻاهر ناهيو نڪرڻ چاهينديون ۽ فائونڊيشن کانسواءِ زندگي کي بي مقصد سمجهنديون آهيو ته توهان ان سيزن ۾ فائونڊيشن وساري ڇڏيو ۽ ٽن ٽيڊ موئسچرائيزر جو استعمال ڪريو جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو ان جو استعمال ڪريو ته هن گرم موسم ۾ توهان کان فائونڊيشن جو استعمال وسري ويندو ۽ انهيءَ موئسچرائيزر کي ترجيح ڏينديون ڇو جو اهو فائونڊيشن کان هلڪو هوندو آهي پر ان باوجود اهو جلد جي خامين کي لڪائي ڇڏيندو آهي ۽ توهان کي ائين ناهي لڳندو ته توهان چهري تي ڪجهه لڳايو آهي فائونڊيشن وقت گذرڻ سان رجڻ لڳندو آهي جڏهن ته موئسچرائيزر سان ائين ناهي ٿيندو ان ۾ ايس پي ايف کي جز طور استعمال ڪيو ويندو آهي.

ننهن لاءِ برائٽ ڪلر:

جيڪڏهن توهان هن موسم ۾ پنهنجن ننهن جي نمائش ڪرڻ چاهيو ٿيون ته ننهن تي برائٽ ڪلر لڳايو هن گرم موسم ۾ برائٽ پنڪ ڪلر زبردست رهندو آهي ۽ اهو ننهن تي ٺهندو به آهي.

You might also like