ورلڊ ڪپ : ڏکڻ آفريڪا جي ويسٽ انڊيز خلاف بيٽنگ

سائوٿمپٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ اڄ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

سائوٿمپٽن جي رول بائول گرائونڊ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽڻ کان پوءِ چيو ته اڄ برسات جو امڪان آهي جنهن جو فائدو بعد ۾ بيٽنگ ڪرڻ واري ٽيم کي ٿي سگهي ٿو تنهنڪري پهريان فيلڊنگ کي ترجيح ڏينداسين. 

 

گذريل مهيني ون ڊي سيريز ۾ ڄاڻايل ميدان تي انگلينڊ ۽ پاڪستان 273 ۽ 361 رنسن ٺاهيون هيون اڄوڪي ميچ به هاءِ اسڪورنگ ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

ٻنهي ٽيمن ۾ ٻه، ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۾ جي پي ڊوميني ۽ تبريز شمسي جي جاءِ تي ايڊن مارڪرم ۽ بيرون هينڊرڪس کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز آندري رسل ۽ اين ليوس جي جڳهه تي ڊيرن براوو ۽ ڪيمروچ کي شامل ڪيو آهي.

 

پروٽيز ٽيم ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، هاشم آملا، ڪپتان فاف ڊوپليسي، ايڊن مارڪرم، ريسي وين ڊي ڊوسن، ڊيوڊ ملر، اينڊلي فيفلڪوايو، ڪرس مورس، ڪگيسو رابادا، بيرون هينڊرڪس ۽ عمران طاهر تي ٻڌل آهي.

 

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ۾ ڪرس گيل، ڊين براوو، شاءِ هوپ، نڪولس پورن، شيمرون هٽميئر، ڪپتان جيسن هولڊر، ڪارلوس برائٿويٽ، ڪيماروچ، ايشلي نرس، شيلڊن ڪوٽريل، اوشاني ٿومس شامل آهن.

 

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم کيڏيل ٽئي ميچون هارائي چڪي آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کيڏيل ٻن ميچن ۾ هڪ ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو اهي.

You might also like