آمريڪا-اسرائيل اتحاد کي شڪست ڏينداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني دفاعي وزير امير حاتمي چيو آهي ته آمريڪا سان جنگ ٿي ته ايران آمريڪ- اسرائيل اتحاد کي شڪست ڏيندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پرڏيهي وزير امير حاتمي چيو ته ايران پنهنجي دفاعي قوت ۽ صلاحيت رکي ٿو.

واضح رهي ته ايران طرفان ائٽمي معاهدي جي ڪجهه شقن تان هٿ کڻڻ بعد آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ ايران طرفان خطري کي جواز بڻائي آمريڪا نار ۾ پنهنجا جنگي سامونڊي ۽ بمبار جهاز مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like