ننڊ بهتر بڻائڻ جو سولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بي خوابي (آئسومينيا)  ۽ ننڊ جي گھٽتائي نه رڳو گھڻن مسئلن جو سبب بڻجي سگھي ٿي پر طبي طور تي به گھڻو نقصان پهچائيندي آهي.

ننڊ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ماهرن طرفان ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون وينديون آهن ۽  تازو ئي ماهرن سٺي ننڊ جو سبب بڻجندڙ هڪ ٻئي سبب طرف اشارو ڏنو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ باقاعدگي آندي وڃي، ماهرن موجب  رات جو سمهڻ ۽ اٿڻ جو هڪ وقت مقرر ڪيو وڃي ۽ ان تي پابندي سان عمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته اهو وقت مخصوص رکيو وڃي ۽ ڀلي ويڪ اينڊ هجي يا هفتي جو ڪو ٻيو ڏينهن، ان شيڊول تي عمل ڪيو وڃي. باقاعدگي هڪ اهڙي چاٻي آهي جيڪا ننڊ کي بهتر بڻائي سگھي ٿي.

ماهرن هڪ ٻئي سبب طرف اشارو ڪندي چيو ته سمهندي ڪمري جو ٿڌو رکڻ گھرجي. جيڪڏهن  سمهڻ لاءِ هڪ گرم، ۽ هڪ ٿڌو ڪمري جي چونڊ ڪئي وڃي ته گرم ڪمري جي ڀيٽ ۾ ٿڌي ڪمري ۾ جلد ۽ پرسڪون ننڊ ايندي.

تازو ئي ڪيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھٽ ننڊ ڪندڙن جي زندگي مختصر ٿي ويندي آهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو جيترو گھڻو سمهندا آهن انهن جي عمر ۾ اوتري ئي واڌ ٿيندي آهي.

تحقيق موجب ننڊ جي گھٽتائي اسان جي ڊي اين جي ڌاڳن کي به خراب ڪري سگھن ٿا.