ماءُ جي ممتا جو قدر ڪنهن به رشتي جي ڀيٽا کان مٿانهون آهي

حميده گھانگھرو

اولاد جڏهن پيءُ ماءُ کي چوندي آهي ته توهان اسان لاءِ ڇا ڪيو، هو محبت جي نشي ۾ ايترا ته گم ٿي ويندا آهن جو خبر ناهي پوندي ته هڪ انسان جي زندگي ماءُ جي پيٽ کان شروع ٿئي ٿي سورن سان جنم ڏيڻ، ننڊون فٽائي ڏينهن رات هڪ ڪري پالي وڏو ڪري جڏهن ماءَ پنهنجي جهول ۾ ويهاري ماني جو گرهه وات ۾ وجهي کيڏائي کيڏائي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪٿي منهنجي ٻچي جي بک اڌوري نه رهجي وڃي. آخر ۾ وات منهن صاف ڪري ڇاتي سان لڳائي پياري ڪري پوءِ کيڏڻ لاءِ پنهنجي جهول مان الڳ ڪري ٿي وقت جي گھڙي کي هر هر ڏسي ٿي ته سندس ٻچي ڪيڏي مهل کاڌو کاڌو هن جي ماني کائڻ جو ٽائيم ٿي ويو آهي کيس بک نه لڳي هجي وري انهي سلسلي سان ماني کارائي ٿي.

آڱر کان پڪڙي هلڻ گھمڻ سيکاري ٿي. ڪو ٿيڙ کائڻ تي ڄڻ هنياءُ جهري پوندو ۽ سڄي جسم کي پڪڙي پڇندي ته ڪٿي ڪو زبرو ڌڪ ته نه لڳو آهي محبت ۽ مٺاس جي جذبي سان کيس وري پيرن تي بيهاريندي جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيندو ته کيس تيار ڪري ناشتو ڪرائڻ باوجود منجهند لاءِ به  ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندي ۽ بار بار تاڪيد ڪندي ته ضرور کائڻو اٿئي. اسڪول جي واپسي تي ٻانهن ۾ پيار پاٻوهه سان پڪڙي اسڪول جا حال احوال وٺندي اسڪول يونيفارم مٽرائيندي فريش ڪري ماني کارئيندي پوءِ ٿورو آرام ڪرائڻ لاءِ چوندي ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو جو سندس گھر جو ڪم پورو ٿيل هوندو ته پاڻ به سمهي ننڊ ڪندي نه ته پنهنجي ٻار کي سمهاري پان گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويندي. شام ٿيندي وري ٻچن کي اٿاريندي ڪنهن ناشتي جو انتظام ڪندي ۽ پاڻ رات جي کاڌي پچائڻ ۾ مشغول ٿي ويندي. ڏٺو وڃي ته ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي جنهن جي ڪا به لالچ ۽ ڪو به معاوضو ناهي شايد هوءَ پنهنجو به ايترو پيٽ ڀري نه کائيندي هجي جيترو کيس پنهنجي ٻارن کي کارائڻ جو فڪر هوندو.

ڪا به ٽجوري ٺاهي ان کي پنهنجي مستقبل لاءِ ناهي ڀريندي پر سندس سرمايو سندس اولاد هوندو آهي، عورت شادي کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي تيستائين غير محفوظ سمجهندي آهي جيستائين کيس ڌي يا پٽ جو اولاد ٿئي ۽ اڪثر ڏٺو به ويو آهي ته ڪجهه سالن جي شادي کان پوءِ کيس تعنا به ملندا آهن ته اسان جي پٽ جو نسل نٿو وڌي. ايئن به ٿيندو آهي ته مڙس جي نسل واري خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ زال پنهنجي مڙس جي شادي ڪرائي سندس ٻار پاليندي. اهڙي نموني خلوص، محبت ۽ پيار جي ديوي شادي کان پوءِ ڄڻ ورهائجي ويندي. شادي کان اڳ جا ارمان جيڪي سندس انفرادي زندگي سان وابسطا هوندا آهن ڄڻ اجتمائي ٿي ويندي آهي. اڪثريت ۾ عورتون گھر جي وفاداري ۾ هر ڏک سک جي زندگي کي انهي گھر ٻچن سان ارپي جڏينديون. وري ائين به ٿيندو آهي ته شادي کان پوءِ جيڪڏهن ڏک تڪليف سان مقابلو نه ڪري سگھي ته ننڍڙا ٻچڙا به ڇڏي هليون وينديون. هو پنهنجي انفرادي خواهش کي ٻارن جي پيار محبت فرمائشن، خوشين ، خواهشن کي اهڙي صليب تي چاڙهي وينديون انهن کي اها خبر نه پوندي ته انهن معصومن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جيڪي مائن جي ڪک مان نڪري سماج ۾ بي نام مامتا جي لفظ کان محروم هجن. ڇا اهي معصوم ٻار جن ۾ خاص طور نياڻي هجي ان جي ڪا به خواهش خوشي ناهي هوندي. جيڪي ممتا سان فرمائشون ڪيون هونديون انهن کان محروم ٿي هو ٻين مائرن جي جهولين کي حسرت سان ڏسنديون. ڇا هڪ عورت مڙس وٽ ڏکي هئڻ ڪري ڪنهن پنهنجي چاهيندڙ جي دلاسن ۾ هلي ويندي ڇا سندس جون خواهشون پيار محبت ان معصومن جي پيار محبت کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. ڏسجي ته جانور پکي به تستائين پنهنجي پرن مان ٻچڙا نه ڪڍندا آهن جيستائين هو پاڻ اڏام جي قابل نه ٿيندا، ڪانو جي ٻچي کي آکيري مان کڻبو آهي ته سڀ ڪانو متحد ٿي انسان لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏيندا آهن. سندن ممتا جي جذبي کان اڄ جي دور جو انسان سڀ هٿيار ۽ حربا هئڻ باوجود بي هٿيار بيوس ٿي انتظار ڪندو آهي ته نيري آسمان کي ڪارو ڪري ڇڏڻ وارا ڪانو ڪڏهن ٿا پنهنجي ڪان ڪان ختم ڪن. ڪڪڙ سڀ ٻچا پنهنجي پويان دوڙائيندي ۽ ڪنهن به ناخوشگوار موقعي تي پر کنڊيري سڀني کي لڪائيندي رهندي، ڪوئليون به پنهنجا آنا کڻي ڀڄندي نظر اينديون. اهڙي صورتحال ۾ اهو اهم سوال آهي ته ان عورت جنهن جا ٻچا به هجن انهن سان ناتو ختم ڪري ڪهڙي رشتي کي نڀائي ٿي. سماجي جا ڪهڙن قدرن جا رشتا برقرار رهندا آهن جڏهن چوري چوري ڪنهن هڪ سان ڀڄي وڃي نڪاح ڪري چوي پيار جو پرڻو انهي کي پيار نه پر رات گذارڻ جي حوس به چئي سگھجي ٿو جيڪا سندس ذات سان تعلق رکي ٿي. ڇا انهن لمحن ۾ ڪڏهن هن سوچيو هوندو ته سندس ماءُ جنهن کيس پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ خاص طور بيواهه عورتون ته پڙهيل هونديون ته ڪا سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪنديون. جيڪڏهن هوءَ اڻ پڙهيل هوندي ته گھرن ۾ ٿانو ٻهاري ڪري شام جو گھر واپس ايندي. اهڙين مائرن جون نافرمان ڌيئر ڪنهن به حوالي سان عورت جي آزادي جي نه پر پنهنجي حوس جي ترجماني ٿيون ڪن. سماج رشتن ناتن سان جڙيل آهي جيڪڏهن هن رشتن جا قدر ختم ٿي وڃن ته پوءِ سماج جي اهميت به ختم ٿي وڃي ٿي. ها اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن هن نياڻين سان زيادتي ٿئي ٿي. مرد طرفان هنن تي تشدد ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ گھر جا ٻيا رشتا ڪاٿي آهن. خاص طور تي سس جو رشتو جنهن کي مڙس جي ماءُ ته ماءُ ٿي سمهجي سگھجي ٿو. پر اهڙيون سسون ماڻهن جي اڳيان اهڙو تاثر ڏينديون ڄڻ هنن جهڙو ڪو ٻيو ٿي نٿو سگھي. مون هڪ اهڙي سس ڏٺي جيڪا ننهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر شيءِ هٿ سان ڏيندي هئي ننهن کي اهو اختيار نه هو ته هو پنهنجي مرضي سان گھر ۾ ڪا شيءِ کڻي. انهي حد تائين جو ڊي فريزر پنهنجي بيڊ روم ۾ رکيائين ته ڪٿي ٻاهر رکڻ ڪري سندس ننهن مرضي سان ڪا شيءِ نه کڻي. انتها ته اها ٿي وئي جو ڪنهن ڏينهن سندس پٽ اچي چويس ٿو امان منهنجي ننڍڙي پٽ جي عيد جا ڪپڙا ڏي ته هن کي پارائي. 2 سالن جو معصوم ٻار مائرون رات کان عيد جا ڪپڙا ٻارن کي ڏيارينديون ۽ صبح سان پهريان ٻارن کي تيار ڪنديون آخوش ٿينديون. تيار ڪري سڀني سان عيد مبارڪ چوڻ لاءِ هٿ ملرائينديون ٻار عيد جي خرچي. پر هيءَ اهڙي سس هئي جنهن آرڊر جاري ڪيو ته پاگل آهين ٻار کي پهرين کارائي پياري پوءِ ڪپڙا پارائجا جيئن مهمان ڏسن ته ٻار صاف سٿرو آهي ڳالهه ته کڻي صحيح به هئي پر ڪنهن حد تائين. ڇاعيد جو تهوار ۽ ان جي خوشي کي ملهائڻ ٻار جي ڪپڙن کي ميري ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اهميت واري هئي يا ٻار صبح سان نوان ڪپڙا پائي خوش ٿئي.

سو اهڙن ٻٽن معيار جي رشتن جن ۾ وقتي طور جي محبت هجي ڏکياءُ ته جيئن پٽن اڳيان سٺيون ليکجن ڪڏهن کلي ڳالهائينديون ته هنن کي خيال آهي. پر ڪڏهن به مامتا جي تڪليف پيار محبت سان ڀيٽائي تارازي ۽ توري ڏيکارڻ بلڪل جهالت جي انتها آهي. ها البته سسون سٺيون به آهن پر جڏهن سندن ڌي سامهون ايندي ته ننهن ٻئي درجي تي هوندي. اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي پر رشتن کي تارازي ۾ تورڻ وارن کي پنهنجي ضمير جي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسن ته ممتا جو رشتو انمول رشتو آهي. صرف انمول رشتو انهي لاءِ بي زر هوندو جيڪا حوس پنهنجي مامتا کي ٿڏي پنهنجي خواهش کي اهميت ڏني هوندي اهڙي ماءُ لاءِ چوندا آهن ته هوءَ پاڻ ماءُ نٿي ٿي سگھي ته هن کي ڪهڙي خبر ته ماءُ ڇا هوندي آهي. هوءَ پنهنجي ماءُ کي ٿڏي ۽ پنهنجي مامتا کي ٿڏي ڪنهن ٻئي رشتي کي مان جي ڀيٽا ڏئي وڌيڪ سمجهڻ دراصل پنهنجي معل ضمير تسلي ڏيڻ آهي.

هن وقت معاشري ۾ تمام اهم مسئلو اهو آهي ته ڇوڪريون پيءُ ماءُ کي ڇڏي وڃي مرضي جي شادي ڪن ٿيون. ڪي ته ڪاريون ڪري ماريون وڃن ٿيون ڪري وري ڪجهه عرصو محبت واري مڙس سان رهي ٻيهر طلاق وٺن ٿيون، ڪي وري پنهنجي شرمندگي کي مٽائڻ يا ٻي ڪا واهه نه هئڻ ڪري اتي ئي زندگي جا باقي ڏينهن گھذارن ٿيون. انهي ڪري اسانجي معاشري جي تربيت غيرضروري فرسوده رسمن ۽ نياڻين سان زيادتين جي خلاف هجڻ گھرجي ۽ خود نياڻين کي به پيءُ ماءُ جو اعتماد ۽ پيار محبت جو احساس هئڻ گھرجي سڀ کان وڏي ڳالهه جي اهميت اها آهي ته معاشري ۾ عورت عورت سان تربيت به پاڻ ڪري ته جيڪر معاشري مان برائي جي جڙ ختم ٿي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.