موجوده حڪومت پرعزم آهي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته موجوده حڪومت مذهبي تعليم کي هٿي ۽ ملڪ کي مديني واري رياست جي اصولن تي هلائڻ لاءِ پرعزم آهي.

تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وزير چيو ته مديني واري رياست جيان نئين پاڪستان جو مطلب ملڪ کي ٻيهر اصل منزل تي گامزن ڪرڻ آهي.

وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته قيام پاڪستان جو مقصد قرآن جي تعليم تي عمل وعن عملدرآمد ڪرڻ هو پر اسان بدقمستي سان قوم کي صحيح رستي تان هٽائي ڇڏيو.

You might also like