ٻارن کي جبري پورهيو ڪرائڻ ڏوهه آهي: عثمان بوزدار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ٻارن جي ڀيٽ گلن سان ڪندي چيو آهي ته انهن جي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

ٻارن جي پورهئي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ عثمان بوزدار ٻارن کي ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو ته تجويز ڪيل قانونن تحت ٻارن کي جبري پورهيو ڪرائڻ ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو، چائلڊ ليبر هڪ سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي، جنهن جي پويان ڪي قوتون آهن.

سندس چوڻ هو ته ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ معاشري جي هر فرد جو فرض آهي، تسلسل سان ٽيم ورڪ طور ئي چائلڊ ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.

You might also like