سمٿ جو ڪُٽڪو، پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ هارائي ويو

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ڪينبرا ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ اوپنر فخر زمان هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي رڳو 2 رنسون ٺاهي سگهيو.

ان کانپوءِ حارث سهيل به گذريل ميچ جيان وڏي شاٽ کيڏڻ جي چڪر ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، جنهن رڳو 6 رنسون ٺاهيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: برسات پاڪستان لاءِ رحمت بڻجي وئي، آسٽريليا يقيني فتح کان محروم

ٽين وڪيٽ تي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان 33 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته آصف علي به رڳو 4 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.

70 رنسن جي 4 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ بابر اعظم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ افتخار احمد ڪريز تي پهتو، جنهن ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ڪپتان سان گڏ 36 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ان دوران بابر اعظم پنهنجي ففٽي به مڪمل ڪئي پر بدقسمتي سان 50 رنسن تي ئي رن آئوٽ ٿي ويو.

هوڏانهن ڪريز تي موجود افتخار احمد تيز بيٽنگ ڪندي رڳو 34 بالن تي 62 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 5 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا.


قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا طرفان ايشٽن ايگر 2، پيٽ ڪمنز ۽ رچرڊسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم اسٽيون سمٿ جي 80 رنسن جي مدد سان پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

سمٿ 51 بالن تي 11 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 80 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، ٻين رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر 20، ڪپتان ايرون فنچ 17، مڪ ڊرموٽ 21 ۽ ٽرنر 8 رنسون ٺاهيون.

آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف 18.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، پاڪستان طرفان محمد عرفان، عماد وسيم ۽ محمد عامر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.