ڇا عمران خان وڌيڪ رتوڇاڻ جي انتظار ۾ آهي…؟ سراج الحق جي حڪومت کي ڇنڊ

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال تي سستي جو مظاهرو ختم نه ڪيو ته عوام جو هي مارچ پشاور بدران سرينگر ۾ نظر ايندو.

پشاور ۾ ”ڪشمير بچايو مارچ“ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي ضرورت آهي، ٽياڪڙي جو اختيار ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏيڻ دشمن کي ڇري ڏيڻ برابر آهي، خيبر پختونخواهه جي ماڻهن والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي شمع روشن ڪئي هئي ۽ ان جدوجهد جي شروعات 1931 ۾ ٿي، جڏهن ڪي پي سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوان عبدالقدير خان والاريل ڪشمير جو رُخ ڪيو، ماڻهن کي ظالم حڪومت خلاف گڏ ڪيو ۽ انتظاميا کيس ڦاهي ڏني.

هن چيو ته ڪشميري عوام 71 ورهين کان آزادي جي جدوجهد ڪري رهيو آهي، لکن شهادتون ماڻيون، ڀارتي فوجين 14 هزار مائرن ۽ ڀينرن جي عزت سان کيڏيو، آرٽيڪل 370 جي  خاتمي کانپوءِ 4 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ٻڌل آهن، اسپتالن ۾ لاشن ۽ زخمين جا ڍير آهن، دوائون ختم ٿي ويون آهن، اهڙي ماحول ۾ چئني پاسن کان مايوسي آهي ته ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان ڏانهن واجهائي رهيا آهن، افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيو آهي ۽ پاڪستاني حڪومت آمريڪا ڏانهن پئي ڏسي، تنهن ڪري اڄ فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪشمير جي آزادي لاءِ اڳتي وڌڻو آهي يا نه؟

سراج الحق وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي سوال اٿاريو ته ”توهان والاريل ڪشمير ۾ امڪاني رتوڇاڻ جو ذڪر ڪندا آهيو، ڇا توهان ڪنهن ٻئي قتل عام يا سانحي جي انتظار ۾ آهيو؟ سانحي کانپوءِ واڳون جا ڳوڙها ڳاڙڻ سان ڪو فائدو ناهي ٿيندو“.

سندس چوڻ هو ته ڪجهه مسلم ملڪن ڀارتي وزيراعظم کي سڀ کان وڏي سول ايوارڊ سان نوازيو، انهن کي ڪشمير جي موجوده صورتحال نظر نه پئي اچي؟

جماعت اسلامي امير چيو ته ڪشمير مسئلو رڳو سرحدي نوعيت جو ناهي پر اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي، جيڪڏهن هارائي وياسين ته پاڪستان بنجر بڻجي ويندو، تسلج، راوي، جهلم ۽ چناب درياهن جو پاڻي بند ڪيو ويندو.

You might also like