کرب رپين جي سنڌ بجيٽ اڄ پيش، 50 هزار نوڪرين جي اعلان جو امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي. ناڻي جو قلمدان رکندڙ وڏو وزير مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ 14 جون جمعي ڏينهن منجهند جو 3 وڳي  ٿيندو. سنڌ سرڪار ايندڙ مالي سال لاءِ 60 ارب رپين جي خساري واري 13 کرب رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪندي.

سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ۽ 45 کان 50 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جي اعلان جا امڪان آهن سنڌ سرڪار ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجيٽ ٽيڪس فري هوندو، بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 کرب 60 ارب ضلعي ترقياتي پروگرام لاءِ 35 ارب ۽ 50 ارب رپيا نئين اسڪيمن لاءِ تجويز ڪيا ويندا.

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 105 ارب رپيا، مڪاني ادارن لاءِ 172 ارب رپيا، ڪراچي ۾ روڊن، فلاءِ اوور، ۽ انڊر باءِ پاسز لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هاري ڪارڊ لاءِ صوبائي ترقياتي پروگرام مان رقم رکي ويندي، صحت کاتي لاءِ 110 ارب. تعليم کاتي لاءِ 205 ارب، رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

 آبپاشي کاتي لاءِ 30 ارب، زراعت کاتي لاءِ 7 ارب، لا اينڊ پارلياماني معاملن واري وزارت لاءِ سوا ٻه ارب، لائيواسٽاڪ ۽ فشريز کاتي لاءِ اڍائي ارب رپيا، سنڌ اسيمبلي لاءِ 2 ارب 83 ڪروڙ رپيا، اقليتي معاملن واري وزارت لاءِ ڏيڍ ارب رپيا رکيا ويندا.

You might also like