ڪامينٽيٽر سنجي منجريڪر اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان کي سوشل ميڊيا تان بلاڪ ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر سوشل ميديا تي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان جو ڀوڳ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ کيس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل کان اڳ سنجي منجريڪر روندرا جديجا جي راند تي سوال اٿاريو هو پنهنجي فائنل اليون ۾ به جديجا کي شامل نه ڪيو هو.

جنهن تي مائيڪل وان سنجي منجريڪر تي حملا ڪيا، منجريڪر اڳوڻي انگلش ڪپتان جي مذاق سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ کيس سوشل ميڊيا تي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن تي مائيڪل وان وڌيڪ حملا ڪندي منجريڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته مون کي ان بلاڪ ڪري ڇڏ، آئون رڳو مذاق پئي ڪئي.

You might also like