رپورٽ: سانگهڙ: ڳوٺاڻي ڪهڙن سورن جون ڪيون دانهون؟ ڄاڻ اچرج ۾ پئجي ويندو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: سانگهڙ: ڳوٺاڻي ڪهڙن سورن جون ڪيون دانهون؟ ڄاڻ اچرج ۾ پئجي ويندو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: سانگهڙ: ڳوٺاڻي ڪهڙن سورن جون ڪيون دانهون؟ ڄاڻ اچرج ۾ پئجي ويندو

 

 

 

سانگهڙ جي ڳوٺاڻي گهر مان چوري خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ ڪرم الله ڏاهري جو رهواسي قادر بخش ڏاهري ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصو اڳ سندس پٽ جي شادي لاءِ ويل هئا ته شاهنواز لاکي ۽ سندس ٻه ساٿي گهر جا تالا ٽوري سونا زيور ۽ لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻوهاري ويا.

هن چيو ته وڏيري قربان ڏاهري مامري جو فيصلو ڪيو، جتي جوابدار شاهنواز لاکي کي چوري جي رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرڻ جو طئي ٿيو.

ڳوٺاڻي چيو ته جوابدار چوري واپس نه پيو ڪري، جڏهن ته وڏيرو به سندس ڌر بڻجي ويو آهي.

ڪرم الله ڏاهري مطالبو ڪيو ته سندس گهر مان ٿيل چوري واپس ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي……………….

 

 

You might also like