اداڪارا صبور ۽ صحيفه تي مداح ڏمرجي پيا…

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فنڪار سوشل ميڊيا تي پنهنجون تصويرون ۽ ويڊيو شيئر ڪندا رهندا آهن جتي ڪڏهن کين تمام گهڻي موٽ ملندي آهي ته اتي ئي وري مٿن سخت تنقيد پڻ ڪئي ويندي آهي.  ۽ اڄڪلهه اداڪارا صبور علي ۽ صحيفه جبار مداحن جي نشاني تي آهن.

اداڪارا سجل علي جي ڀيڻ صبور علي ڊراما سيريل جي سيٽ هڪ همراهه جي ويڊيو ٺاهي جيڪو دري صاف ڪري رهيو آهي.

صبور علي اها ويڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هو دري صاف ڪندي شخص جو مذاق اڏائي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته ” ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏسي سندس ماءُ کيس گهران موڪليو هوندو “ جنهن بعد هن زور زور سان ٽهڪ پڻ ڏنا .

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صبور سنا گڏ صحيفه جبار به جيڪا پاڻ کلندي دري صاف ڪرڻ واري لاءِ چوي ٿي ته ” گهر ۾ صبح اٿي ڪري پنهنجو بسترو ۽ چادر يا ڪمبل به ٺيڪ نه ڪندو هوندو ۽ هاڻ هتي اهو ڪم ڪري رهيو آهي.

صبور علي کي دري صاف ڪرڻ واري جي ويڊيو ٺاهي انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ مهانگو پئجي وئي، ۽ مداحن کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. واهپيدارن تبصرا ڪندي اداڪارا جي ٻين پوسٽن ۾ وڃي لکيو ته محنت ڪرڻ واري لاءِ ائين چوڻ نٿو سونهين، اوهان ۾ انسانيت هئڻ گهرجي، ٻئي جي عزت ڪرڻ سکو.

جنهن کانپوءِ صبور علي دري صاف ڪرڻ واري شخص جي ويڊيو ڊليٽ ڪندي هڪ وضاحتي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن دري صاف ڪندڙ شخص کي ڊرامي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڄاڻيندي چيو ته سيٽ ته اهڙي قسم جي کل ڀوڳ ٿيندي رهندي آهي.

صبور علي سوشل ميڊيا بلاگرز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به حوالي سان ڪجهه به چوڻ کان پهريان سوچيندا ڪريو، ڄاڻي واڻي ڪنهن به ورڪر تي ٺٺول ناهي ڪئي وئي، تنهنڪري گذارش آهي ته ڪنهن تي آڱر کڻڻ کان پهريان ذميواري سان پوري تصوير ته غور ڪندا ڪريو.

ٻئي پاسي صحيفه جبار لائيو ويڊيو ۾ چيو آهي ته ادا احسن ( دري صاف ڪندڙ ) اسان جو ويجهو دوست آهي ۽ اسان کيس سيٽ تي گهڻو تنگ ڪندا آهيون، اوهان ماڻهن تصوير جو رڳو هڪ رخ ڏٺو آهي تنهنڪري اوهان تنقيد ڪري رهيا آهيو جڏهن ته ائين ناهي.

پر اداڪارائن جي وضاحت باوجود به مداحن طرفان مٿن تنقيد جو سلسلو جاري آهي.