مريخ لاءِ روزا لنڊ  فرينڪلن روور جي تياري آخري مرحلن ۾ ….

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) يورپ  ۽ روس جي ڪيئي انجنيئرن روزالنڊ فرينڪلن روور کي ” ريڊ پلانٽ “ يعني مريخ جي سطح تي سهي سلامت لاهيندڙ هارڊ ويئر جي تياري آخري مرحلن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هيءَ ايڏي ڏکيو نالو ڪنهن  شخص يا عورت جو نه پر هڪ سائنسي گاڏيءَ جو  آهي جنهن کي مريخ تي موڪليو پيو وڃي.

هن گاڏي جي ريهرسل پڻ جاري آهي جنهن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته ڪيئن زمين کان خلا ۾ ان گاڏي تي بهتر نموني ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

اها روبوٽڪ گاڏي يورپي ۽ روسي خلائي ايجنسين جو گڏيل منصوبو آهي. ان جو مقصد پٿريلي زمين تي کوٽائي ڪري نمونا حاصل ڪرڻ آهي.  حاصل ٿيل نمونن جي مدد سان مريخ تي زندگي جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو.

برطانيا ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرن وٽ روبوٽ جي سمورن پرزن کي جوڙي ان کي حتمي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ ايندڙ سال جولائي/آگسٽ تائين جي وقت آهي.

ڏکڻ انگلينڊ مان مڪمل ” روور “  اتر اولهه فرانس موڪليا ويندا جتي ان تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو.

ياد رهي ته روزالنڊ فرينڪلين 1952ع ۾ ڊي اين اي تي ڪم ڪندڙ هڪ سائنسدان هئي سندس ڪم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ان گاڏي جو نالو سندس نالي تي رکيو ويو آهي.