رتوديرو: يونيسيف ۽ يو ايس ايڊ جي نمائندن جي ساڃاهه وندن سان گڏجاڻي

عوامي آواز رپورٽ
رتوديرو: يونيسيف ۽ يو ايس ايڊ جي نمائندن جي ساڃاهه وندن سان گڏجاڻي
عوامي آواز رپورٽ رتوديرو: يونيسيف ۽ يو ايس ايڊ جي نمائندن جي ساڃاهه وندن سان گڏجاڻي

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي متاثر مريضن جي علاج جي بحالي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ يونيسيف , يو ايس ايڊ جي طرفان رتوديرو ريسٽ ھائوس ۾ طب جي ماڻهن پاران سياسي , سماجي , مذھبي ۽ صحافين سان گڏجاڻي ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر فھميده , ڊاڪٽر گرينڊه ۽ ٻين چيو ته رتيديري ۾ ايڊز ۽ ايڇ آءِ  وي جو آئوٽ بريڪ دنيا کان ان ڪري به مختلف آھي جو ھتي معصوم ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي ظاھر ٿي آھي، جڏهن ته سندن والدين تقريبن نيگيٽو آھن

سندن چوڻ هو ته جيڪڏھن ڪوتاھين تي ڳالهائبو ته ان جي روڪٿام وارو پاسو رھجي ويندو، ان ڪري ھاڻي علائقي جي ڪميونٽي کي گڏ کڻي ان جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ,

سندن چوهو ته وائرس بابت وڏي پئماني تي آگاھي مھم ھلائڻ جي سخت ضرورت آھي، , ايڇ آءِ وي وائرس گڏ کائڻ پيئڻ سان نٿو پکڙجي پر رت جي منتقلي سان پکڙجي ٿو

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته  ايڇ آءِ وي وائرس جي شڪار مريض کان نفرت نه ڪرڻ گھرجي پر ان کي اسان جي پيار ۽ شفقت جي ضرورت آھي، ھو به ھن معاشري جا فرد آھن ,

ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي ڪا خطرناڪ بيماري ناھن پر انهن جو به علاج موجود آھي، جنهن ذريعي وائرس کي مات ڏئي سگهجي ٿي……………….

 

You might also like