ويڊيو اسڪينڊل: رابي پيرزادا جو اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪارا ۽ اداڪارا رابي پيرزادا پنهنجون ذاتي ويڊيوز ليڪ ٿيڻ ۽ ماڻهن جي روين کان پوءِ شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رابي پيرزادا 2004ع کان ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، هن شروعاتي طور تي گلوڪارا طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.

ڪيترائي مشهور  گيت  ڳائڻ کان پوءِ رابي پيرزادا ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪيو ۽  اداڪاري ۾ به قسمت آزمائي ان فيلڊ ۾ به هن مداحن جون دليون کٽيون.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خليل الرحمان قمر برابري جو مطالبو ڪندڙ عورتن کي صلاح ڏئي ڇڏي..!

رابي پيرزادا ڊرامن کان سواءِ فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ ماڊلنگ به ڪندي رهي.

گذريل ڪجهه مهينن کان هوءَ سوشل ميڊيا تي ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ گھڻي سرگرم نظر آئي .

هي به پڙهي سگھو ٿا:ويڊيو اسڪينڊل: رابي پيرزادا جي ايف آءِ اي کي دانهن

ڪجهه ڏينهن اڳ رابي پيرزادا جون ڪجهه ذاتي وڊيوز سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيون هيون جنهن کان پوءِ هوءَ گھڻي دٻاءَ ۾ ۽ پريشان نظر آئي.

وڊيوز ليڪ ٿيڻ کان پوءِ رابي پيرزادا هڪ انٽرويو ۾  هن ويڊيوز ۽ تصويرن جي حوالي سان سائيبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪارروائي جي درخواست ڏئي هئي.

رابي پيرزادا پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ليڪ ٿيل ذاتي وڊيوز ۽ تصويرون هن جي فون ۾ موجود هيون ۽ ڄاڻايل فون هن ڪجهه عرصو اڳ وڪرو ڪيو هو.

هن اهو به چيو هو ته جتي هن پنهنجو سمارٽ فون وڪرو ڪيو هو ان خلاف به ڪارروائي جي درخواست ڏني آهي.

امڪاني  طور تي گلوڪارا جي وڪرو ڪيل فون ۾ موجود ڊليٽ ڪيل مواد رڪور بعد ليڪ ڪيو ويو هو.

ان معاملي کان پوءِ اداڪارا دٻاءَ ۽ پريشاني جو شڪار نظر آئي ۽ هاڻ هن هڪ ٽوئيٽ ذريعي شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

هن ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته “آئون


رابي پيرزادا شوبز ڇڏيان ٿي، خدا منهنجا گناهه معام ڪندو ۽ منهنجي حق ۾ ماڻهن جي دل نرم ڪري”.

ان سان گڏ هن هڪ پاڪ آيت به لکي، اداڪارا جي ان اعلان کان تي ڪيترن ئي مداحن ڏک اظهار جو اظهار ڪيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.