بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول

 

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا چئي ٿي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ نه ڏينداسين، عالمي بئنڪ به چئي ٿي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ٿيڻ نه ڏبو، عورتن جي دلين مان بينظير ڀٽو جو نالو ڪيئن ختم ڪندئو.

سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غربت مٽايو پروگرام سنڌ لاءِ انقلابي پروگرام آهي، پ پ جو غربت مٽايو پروگرام سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي، اهو اڃا وڌيڪ پکڙبو، ان پروگرام تحت 10 لک گهراڻن کي منظم ڪيو آهي، هڪ لک 80 هزار عورتن کي بنا سود قرض ڏنا، 50 هزار گهر اڏيا ويا، 50 هزار عورتن کي ووڪيشنل ٽريننگ ڏني وئي، اسان نئين بجيٽ ۾ پئسا رکيا آهن، اهو پروگرام گهوٽڪي ۽ ٻين يونين ڪائونسلز ۾ به پکڙبو.

هن چيو ته ان پروگرام تحت غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، ذوالفقار علي ڀٽو مزدورن کي انڊسٽرين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو هو، هن سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو ۽ جڏهن هتي روزگار نه ملندو هو ته مفت پاسپورٽ ڏئي ٻاهر روزگار جو بندوبست ڪيو هو.

سندس چوڻ هو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪري رهيون آهن، 2009 کان غربت مٽايو پروگرام هلي رهيو آهي ۽ اڳتي به هلندو، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي، اسان قبيلائي علائقن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪري ”احساس“ رکيو پيو وڃي، ان پروگرام کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين، گڏجي ڪم ڪنداسين ته مسئلا حل ٿيندا، صحت ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت سنڌ جي ٻارن جي مستقبل جو تحفظ ٿيندو.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ته سنڌ ۾ هڪ ٻيو انقلاب ايندو، سنڌ جي معيشت کي بهتر ڪنداسين، توهان جو ساٿ چاهيان ٿو، جيستائين عوام مون سان گڏ آهي ڏکيائيون نه ٿينديون، ڪير به منهنجي سامهون نه بيهي سگهندو، اسان هن نظام جو مقابلو ڪنداسين، انهن جو مقابلو ڪنداسين جيڪي سمجهن ٿا ته هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪري اهي غريبن جون نوڪريون کسي تبديلي آڻي سگهن ٿا.

You might also like