ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم، مودي جي جهاز لاءِ پاڪستاني هوائي حدون استعمال نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت پنهنجي هوڏ تي قائم، پاڪستان طرفان مودي جي جهاز لاءِ هوائي حدن جي اجازت ملڻ تي ڀارت اومان ايران رستي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي اخلاقيات ۽ خيرسگالي جي اظهار تي ڀارت مان نه مڃان واري پاليسي تي قائم آهي، پاڪستان طرفان هوائي حدن جي استعمال جي اجازت ملي ته ڀارت هوڏ جو مظاهرو ڪندي رستو تبديل ڪري ڇڏيو.

پاڪستان کان اجازت ملڻ تي ڀارت شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي شرڪت لاءِ اومان ايران رستي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مودي جو جهاز ڪجهه دير لاءِ پاڪستاني هوائي هدن ۾ هوندو، ڀارت مودي جي جهاز لاءِ هوائي حدن جي اجازت گهري هئي، اها درخواست شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي شرڪت کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي هئي.

You might also like