قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري : وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري.

 

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جار ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ بند ڪري، مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ڪو به پروٽوڪول نه ملڻ گهرجي.

 

وزيراعظم جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم مني لانڊرنگ ڪندڙن سان مجرماڻو سلوڪ ڪري، مني لانڊرنگ ڪندڙن قوم کي غربت ۾ ڌڪيو ۽ نقصان پهچايو .

 

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪٿي عوام جي دولت لوٽيندڙن سان خاص ورتاءُ ٿيندو آهي؟  اڄ مني لانڊرنگ ڪندڙن جهموريت پٺيان پناهه وٺڻ چاهن ٿا.

You might also like