ڀارت سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا ته جيئن هٿيار نه وٺڻا پون: وزيراعظم عمران خان

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت سان تڪرار ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا ته جيئن هٿيار نه وٺڻا پون.

شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ ۾ موجود وزيراعظم عمران خان روسي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي سهڪار ۾ اضافي جي اميد آهي، 50، 60 ۽ 70 جي ڏهاڪن جي سرد جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو اتحادي رهيو پر هاڻ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، اسان هاڻ روس سان لاڳاپا وڌائي چڪا آهيون ۽ روس سان لاڳاپن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

روس کان هٿيار خريدڻ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته ڀارت سان تڪرار ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا ته جيئن هٿيار نه وٺڻا پون، پنهنجو پئسو انساني ڀلائي تي لڳائڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته روس کان هٿيار جي خريداري جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان آرمي ان سلسلي ۾ روسي فوج سان رابطي ۾ آهي، دفاعي سهڪار سان گڏوگڏ روس سان توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ به سهڪار جا خواهشمند آهيون.

هن چيو ته اسان جا واپار وفد روس ويندا ۽ روسي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندا، روسي ڪمپني طرفان پاڪستان اسٽيل ملز ۾ سيڙپڪاري جي به اميد آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت جو ڀارت سان سڀ کان وڏو اختلاف ڪشمير تي آهي، ٻنهي ملڪن جون حڪومتون چاهين ته ڪشمير مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ڀارت طرفان ان سلسلي ۾ هن وقت تائين حوصلا افزائي ڪندڙ جواب ناهي مليو، اميد آهي ته وڏي مينڊيٽ وارو نئون ڀارتي وزيراعظم بهتر لاڳاپن لاءِ ڪم ڪندو.

پاڪستان ۽ ايران گيس پائپ لائين بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گيس پائيپ لائين پراجيڪٽ ۾ اڳڀرائي ايران تي آمريڪي پابندين سبب ناهي ٿي رهي.

پاڪستان جي ويزا پاليسي بابت وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا قانونن ۾ نرمي ڪئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان چيو آهي ته اسان سڀني پاڙيسري ملڪن سان پر امن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪ ڀارت اختلاف ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻ گھرجن. شنگھائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.