پي سي بي طرفان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب رانديگرن جا سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهن جنهن ۾ 33 رانديگر شامل هئا جڏهن ته نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ پي سي بي رانديگرن جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ 15 کان 17 رانديگر شامل هوندا ۽ ٽنهي فارميٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو.

پي سي بي عورتن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ به پليئرن  جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجودا وومين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ 10 رانديگرياڻيون شامل آهن.

ان کانسواءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان اي ڪيٽيگري به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻين بورڊن جيان رانديگرن جو انگ گهٽائڻ ۽ معاوضو وڌائڻ جي تجويز مئنيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان ڪئي آهي.

ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي نالن جو اعلان نئين سليڪشڻ ڪميٽي جي مقرري کانپوءِ ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.