پالڪ ۽ ميٿي جون پوريون

شيون:

پاڪ: 2/1 ڪوپ ڪٺيل

ميٿي جا پتا: 4/1 ڪوپ ڪٺيل

جوئر جو اٽو: 4/1 ڪوپ

ٻاجهر جو اٽو: 4/1 ڪوپ

ڪڻڪ جو اٽو: 2 وڏا چمچا

دهي: 2 وڏا چمچا

ادرڪ ۽ ساون مرچن جي پيسٽ: 1 ننڍو چمچو

تيل: 1 ننڍو چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

ترڪيب:

پالڪ ۽ ميٿي ملائي ان ۾ لوڻ شامل ڪيو ۽ 10 منٽن جي لاءِ ڇڏي ڏيو. جڏهن پتن مان پاڻي نڪري وڃي ته ان ۾ باقي شيون شامل ڪري اٽي کي نرم ڪري ڳوهيو. اٽي کي ڳوهڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ ڇڏي ڏيو ۽ پوءِ ان مان 12 پيڙا ٺاهيو. هاڻ ننڍيون ننڍيون مانيون ٺاهي ڪانٽي جي مدد سان مانين ۾ سوراخ ڪيو. 180 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهرين کان گرم اون ۾ 10 کان 12 منٽ تائين بيڪ ڪيو. يا جيستائين پوريون هلڪيون سنهري نه ٿي وڃن.

You might also like