قديم آثارن ڏانهن اسانجو غير ذميوارڻو رويو

زرار پيرزادو

انور پيرزادي صاحب هڪ انٽرويو ۾ قديم آثارن کي بچائڻ جي اهميت بيان ڪندي چيو هو ته ”اڄ جي ڪرنٽ اشوز بابت ته اسان کي اخبارون، رسالا، ٽي وي چئنل ۽ ريڊيو وغيره معلومات ڏين ٿا پر قديم دور جي معلومات اسان کي قديم آثارن کي ڏسڻ سان ملندي“.

هونئن ته سڄي دنيا اندر قديم آثارن جي شعبي کي انتهائي عزت سان ڏٺو ويندو آهي پر پاڻ وٽ ان کي دڙن، کنڊرن، ٺڪرن، ڀترن ۽ پٿرن جو هڪ فضول قسم جو شعبو سمجهيو ويندو آهي. ۽ اهي قديم آثارن جي ماڳن تي ڪم ڪندڙن تي کلندي چوندا آهن ته ماڻهو سون ڳولهي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي پر ٺڪرن ۽ ڀترن جو آفيسر ٿيبو ته ڇا ٿيندو؟

اها سوچ اصل ۾ شعور جي پسماندگي ۽ جهالت جو اظهار آهي. ان جو جواب روسي اديب رسول حمزا طوف اهو چئي ڏنو هو ته ”جيڪڏهن اوهان ماضيءَ کي پستول هڻندئو ته مستقبل اوهان کي توب سان اڏائي ڇڏيندو.“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماضي ۽ تاريخ ماڻهن ۽ قومن جو شناختي ڪارڊ هوندي آهي، جيئن شناختي ڪارڊ کانسواءِ ماڻهو ٻاهر ڪيڏانهن وڃي نه ٿو سگهي تيئن ماضي ۽ تاريخ بنا قومون اڳتي وڌي نٿيون سگهن.

سو اسان جي سماج ۾ ته خاص ڪري به قديم آثارن جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪرڻ جي ۽ ان بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ٻين ترقي يافتا ملڪن ۽ تهذيب کان وڌيڪ ضرورت آهي.

اسان وٽ قديم آثارن جي شعبي کي جيئن ته اجايو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ قديم آثارن جي بچاءُ کي پئسن ۽ وقت جو ذيان سمجهيو ويندو آهي تنهن ڪري ان شعبي ۾ نئين نسل جي دلچسپي به نه رهي آهي.

ان بي دلچسپي سبب يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي جا شعبا به گهٽ آهن. سڄي پاڪستان ۾ رڳو پشاور ۽ خيرپور جي يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي جا ٻه ڊپارٽمينٽ قائم ٿيل آهن.

قربان پيرزادو صاحب کلي چوندو هو ته ”خيرپور يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ ۾ شاگردن کان وڌيڪ استادن ۽ اتي مقرر اسٽاف جو انگ آهي“.!

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ قديم آثارن ڏانهن اهو غير ذميواراڻو رويو ان خطي جي ماڻهن جو آهي جن وٽ مهين جو دڙو، مڪلي ۽ رني ڪوٽ جهڙا ٽي  وڏا عالمي ورثا آهن ۽ جن جي ڌرتي جو چپو چپو تاريخ سان ٽنڊڙيو پيو آهي.