رهبر ڪميٽي نئون سينيٽ چيئرمين مسلم ليگ ن مان هئڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي نئون سينيٽ چيئرمين اڪثريتي پارٽي مسلم ليگ ن کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب رهبر ڪميٽي طرفان منظوري کانپوءِ مسلم ليگ ن راجا ظفر الحق ۽ مصدق ملڪ سميت ٻين ٻن نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي ٻن ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوار جي نالي کان ڪميٽي کي آگاهه ڪندي.  ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين جو عهدو ملڻ کانپوءِ  مسلم ليگ ن اپوزيشن ليڊر جو عهدو ڇڏي ڏيندي جنهن سبب رهبر ڪميٽي سينيٽ ۾ نئين اپوزيشن ليڊر بابت به مشورا ڪري رهي آهي.  ذريعن موجب پ پ جو ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي والا پنهنجي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو.  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف 9 جولاءِ تي بي اعتمادي رٿ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي جنهن لاءِ ڪل ميمبرن جي چوٿون حصو جون صحيحون ضروري هونديون آهن پر مخالف ڌر ڪوشش ڪري رهي آهي ته پنهنجي سمورن 67 ميمبرن کان صحيحون ڪرايون وڃن ۽ ان حوالي سان رابطا به شروع ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.