ناسا جي پيلنٽ هنٽر شمسي نظام کان ٻاهر 3 نوان سيارا دريافت ڪري ورتا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 31 نوري سال پري هڪ ٻيو نئون سيارو ڳولهي ورتو جيڪو امڪاني طور تي رهڻ جوڳو ٿي سگھي ٿو.

فلڪيات جي ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر ٽئي نوان سيارا ڳولها آهن. ماهرن اشارو ڏنو آهي ته نون دريافت ٿيل سيارن مان هڪ امڪاني طور تي رهڻ رهائش جو ٿي سگھي ٿو.

هڪ سائنسي رسالي ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب نئون دريافت ٿيل سيارو جِي جي 357 ڊي پنهنجي ستاري جي چوڌاري 56 ڏينهن ۾ پنهنجو چڪر پورو ڪري ٿو، اهو سيارو جنهن خلائي جهاز اهو سيارو  ڳولهيو آهي ان کي گذريل سال ئي لانچ ڪيو ويو هو.

ناسا جي رپورٽ  ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ٽئي سيارا 31 نوري سال جي مفاصلي تي موجود ستارن جي ميڙ هائيڊرا جي هڪ ستاري جِي جي 357 جي چوڌاري پنهنجي مدار ۾ گردش ڪن ٿا.

ٻڌايو ويو آهي ته ان نون دريافت ٿيل سيارن مان هڪ، جنهن کي جِي جي ڊي 357 جو نالو ڏنو ويو آهي، امڪاني طور تي رهائش جوڳو ٿي سگھي ٿو.

فلڪيات ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽار سسٽم جي ٻين مشهور سياري جِي جي 357 بي ۽ جِي جي 357 سي رهڻ لاءِ گھڻا گرم سمجها ويندا آهن.

ماهرن موجب ان سياري تي ايوريج پاري فوري اندازو ڪاٽو 53 ڊگري سينٽي گريڊ لڳايو ويو آهي پر اتان جي فضا بابت اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته موجودهه دريافت پيلنٽ هنٽر Tess  جي ٻين دريافت آهي پر پنهنجي ٻن ورهين جي تحقيقي مدي دوران اهو ٻن لکن کان وڌيڪ ستارن جي روشني کي مانيٽر ڪندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ (TESS) زمين کان 53 نوري سال پري زمين جيترو ئي سيارو دريافت ڪيو هو.

 

You might also like