قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي مختلف اسٽيڊنگ ڪميٽين جا طلب ڪيل اجلاس ختم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت تي مختلف اسٽيڊنگ ڪميٽين جا طلب ڪيل اجلاس ختم ڪيا ويا آهن.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي پڌرائي موجب اسپيڪر اسد قيصر هدايت ڏني آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جا اجلاس رڳو قومي اسيمبلي جي سيشن دوران سڏايا وڃن.

پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيڪر جي اها هدايت ڪفايت شعاري مهم کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي.

 ذريعن ٻڌايو آهي ته اسٽيڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن تي پابندي حراست هيٺ مخالف ڌر ميمبرن سبب هنئي وئي آهي ڇو ته گرفتار ٿيل ميمبر پروڊڪشن آرڊر تي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا آهن.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اڱاري ڏينهن جي  پروڊڪشن آرڊر تي صنعت ۽ پيدوار بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جڏهن ته انساني حقن جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به اجلاس جي صدارت ڪرڻي هئي.

ٻئي پاسي پيپلز پارتي جي اڳواڻ شازيه مري اسٽيدنگ ڪميٽين جي اجلاسن بابت اسپيڪر جي هدايت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پارليامنٽ کي غيرجهموري طريقي سان هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسٽيڊنگ ڪميٽيون پارليامنٽ جو دماغ سمجهيون وينديون آهن ۽ سڄو سال ڪم ڪنديون آهن.

هن چيو ته قومي اسيمبلي جو سال ۾ 130 ڏينهن اجلاس ٿيندو آهي، باقي ڏينهن ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جا اجلاس نه ٿيندا ته پوءِ پارليامنٽ غيرفعال ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته اسان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته ان قدم پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اها هدايت پروڊڪشن آرڊر معاملي سان جڙيل لڳي ٿي.

شازيه مري جو چوڻ هو ته اسپيڪر حڪومت جي غير جهموري روين جي اڳيان بيوس نظر اچي رهيو آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي چپ نه رهندي، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.

You might also like