ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم کي هڪ ٻيو ڌَڪ

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر وائرل انفيڪشن جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب هن جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.

رپورٽن موجب محمد عامر پاڪستاني ٽيم سان گڏ هن وقت انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي ميزبان ٽيم خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ کيس ٽيم جو حصو بڻايو ويو پر ٻي ميچ ۾ هن کي ڊراپ ڪيو ويو هو.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته محمد عامر کي جيڪو انفيڪشن ٿيو آهي ته اهو چڪن پوڪس آهي ۽ فاسٽ بالر کي انگلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ۾ به نه کيڏايو ويندو، ڇو ته هو ٽيم کي ڇڏي لنڊن ۾ پنهنجي گھر ڀاتين وٽ هليو ويو.

هن وقت تائين اهو پتو ناهي پيو ته عامر جي بيماري ختم ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو پر ڪرڪيٽ ماهر زور ڏئي رهيا آهن ته فاسٽ بالر کي ورلڊ ڪپ کيڏايو وڃي.

You might also like