مينديءَ سان وارن جي حفاظت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميندي اهڙي قدرتي نعمت آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فائدا موجود آهن.

اڪثر عورتون پنهنجي وارن کي خوبصورت رکڻ لاءِ مينديءَ جو استعمال ڪنديون آهن پر اسان انهن کي ڪجهه اهڙا نسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جن تي عمل ڪري اهي پنهنجي وارن جي بهتر نموني حفاظت ڪري سگهن ٿيون.

جڏهن به توهان پنهنجي وارن لاءِ مينديءَ جو استعمال ڪيو ته ان ۾ اڌ ليمي جي رس، چار لونگ پيسيل، هڪ بيضي جي زردي ۽ دارچيني جو ننڍو ٽڪرو پيسي ملائي ڇڏيو.

پوءِ مينديءَ کي ٻن ڪلاڪن تائين مٿي ۾ لڳائڻ بعد وار شيمپو سان ڌوئي ڇڏيو، اهو عمل مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو ورجائڻ سان توهان جا وار خوبصورت ۽ مضبوط ٿي ويندا.

You might also like