مڇي مصالحو تيار ڪرڻ جو طريقو

شيون: مڇي اڌ ڪلو

ليمي جو رس 1 چانهه جو چمچو

جاڻ (يا اجوائن) اڌ چانهه جو چمچو

اڇو جيرو 1 چانهه جو چمچو

(پيٺل) ساوا ڌاڻا 1 چانهه جو چمچو (ڪاتر ڪيل)

ٿوم 1 چانهه جو چمچو

(پيٺل يا ڪُٽيل) لوڻ ذائقي موجب

ڳاڙها مرچ اڌ چانهه جو چمچو

ڪارا مرچ اڌ چانهه جو چمچو (پيٺل)

تيل يا گيهه ضرورت موجب

ترڪيب: ليمي جي رس ۾ سڀ شيون ملائي پوءِ مڇيءَ تي لڳائي هڪ ڪلاڪ تائين رکي ڇڏيو. ڪڙاهيءَ ۾ تيل گرم ڪيو ۽ هلڪي باهه تي تري وٺو. مزيدار گھريلو طعام مڇي مصالحو تيار آهي.

You might also like