پاڻي کوٽ خلاف لانگ مارچ جي ٺٽي ۾پڄاڻي، ڌرڻو، تحريڪ جاري رهندي: اڳواڻ

ٺٽو/سجاول/ڪڍڻ/ماتلي (نمائندا) بدين ۾پاڻي کوٽ خلاف کاروڇاڻ کان نڪتل لانگ مارچ جي ٺٽي ۾پڄاڻي، ڌرڻو، آبادگارن جو ڪڍڻ ۽ ماتلي ۾به احتجاج، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پڇڙين ۾پاڻي پهچڻ تائين  تحريڪ جاري رهندي، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب پاڻي جي ھٿرادو پيدا ڪيل بحران خلاف سامونڊي تعلقي کاروڇاڻ جي تڙ ڦاٽ کان پاڻي پھچايو تحريڪ جو نڪتل پيادل لانگ مارچ قافلو گجي کان ٿيندو ستين ڏينھن مڪلي ۾ پھچڻ بعد 137 ڪلوميٽرجو مفاصلو طئي ڪري پنھنجي آخري منزل ٺٽو شھر پھچي پڄاڻي تي پھچي ويو، مارچ ۾مڪلي ۽ ٺٽو شھر پھچڻ تي وڏي انگ ۾شھرين، واپارين، سياسي سماجي ڪارڪن ۽ آبادگارن پانڌيڙن جو شاندار استقبال ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي، پيادل مارچ جي اڳواڻن اياز لاشاري، نوازخان زنئور، امير آزاد پنھور، مٺا خان لاشاري، ڊاڪٽر شبير شاھه،  غلام مصطفيٰ چانڊيو، حاجي سمن مرگهر ، حق نواز رند، علي اڪبر آرائين، گلاب شاهه، يعقوب سمون، وحيد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رڪشا اسٽاپ وٽ قومي شاھراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي جي ھٿرادو پيدا ڪيل کوٽ سبب لکين ايڪڙن جي ايراضي تي فصل ناھن پوکجي سگھيا، جڏھن ته آبپاشي کاتي وارا بااثر آبادگارن سان ملي ڀڳت ڪري سمورو پاڻي انھن جي مڇي جي تلائن لاءِ وقف ڪري ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوھستاني پٽي ۾ پاڻي ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي، پاڻي کوٽ سبب ضلعي جي 10 لـک کان مٿي انساني آبادي سان گڏ چوپايو مال اڃ وگھي تڙپي رھيو آھي، سموري سامونڊي پٽي جي واھن ۽ شاخن مان مٽي اڏامي رھي آھي، وڏي تعداد ھتان جا رهواسي لڏ پلاڻ ڪري ويا آھن، ھنن چتاءَ ڏيندي چيو ته ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل ھٿرادو کوٽ کي فوري ختم ڪري ضلعي جي سمورن واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي رسد کي پوڇڙ تائين يقيني نه بڻائڻ جي صورت شروع ڪيل تحريڪ پاڻي مڪمل رسائي تائين جاري رھندي. هوڏانهن ڪڍڻ ۾آبادگارن رياض بوهڙ، محمد حسن چانڊيو، طالب نوتيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، جڏهن ته ماتلي ۾امام واهه جي آبادگارن محمد رفيق ميمڻ، محمد اسماعيل اڊيجو، قبول محمد ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.