ميشا شفيع جي مهلت جي درخواست رد، شاهد ڪنزه منير جو بيان قلمبند

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي عدالت گلوڪار علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي دوران گلوڪاره ميشا شفيع جي وڪيل جي مهلت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، گلوڪار علي ظفر جي شاهدن جا بيان قلبند ڪيا ويا.  لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ميشا شفيع خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. گلوڪاره ميشا شفيع جي وڪيل چيو ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي،  عدالت ڪيس سپريم ڪورٽ جيحڪم تائين مهلت فراهم ڪري. گلوڪار علي ظفر جي وڪيل چيو ته ٻن شاهدن کي عدالت ۾ آندو آهي. عدالت ميشا شفيع جي وڪيل جي درخواست رد ڪري ڇڏي۽ شاهدن جا بيان قلمبند شروع ڪري ڇڏيا. عدالت ۾ ماڊل ڪنزه منيز بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته 10 کان 11 ماڻهو ريهرسل ۾ موجود هئا، 45 منٽن تائين اسٽوڊيو ۾ ريهرسل هلندي رهي، ريهرسل دوران وڊيو به ٺهندي رهي، گاني دوران ٻئي 4 کان پنج فوٽ پري بيٺا هئا، ميشا شفيع جي الزامن جي چڱي نموني ڄاڻ آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like