رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ڳوٺ نهال سوهو ۾ موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڏيجي: ڳوٺ نهال سوهو ۾ موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي
عوامي آواز رپورٽ ڪوٽڏيجي: ڳوٺ نهال سوهو ۾ موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ نهال سوهو ۾ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾  هڪ  ڄڻو فوت ٻه زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ نهال سوهو لڳ پراڻي نيشنل هائي وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ سينگار علي سوهو فوت ٿي ويو جڏهن ته  مظهر علي سوهو  ۽ شايان علي سوهو سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ڪوٽڏيجي منتقل ڪيو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين طبي امداد بعد  خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي……….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.