رپورٽ: ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ پاڻي جي فراهمي بابت اجلاس

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ پاڻي جي فراهمي بابت اجلاس
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ پاڻي جي فراهمي بابت اجلاس

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، خالد شيخ، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان ۽ واٽر بورڊ پارٽرنر شپ جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪراچي جي صنعتي علائقن کي پاڻي جي فراهمي پرائيويٽ پارٽرنر شپ ذريعي فراهمي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾ سعيد غني ڳالهائيندي چيو تھ سندن اولين ترجيح آهي تھ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

هن چيو تھ پبلڪ پرائيويٽ پارٽرنر شپ تحت سيوريج جي پاڻي کي ٽريٽ ڪري ان کي صنعتن جي استعمال لاءِ قابل بڻائڻ جي حوالي سان مختلف ڪمپنين طرفان آڇ تي واٽر بورڊ ۽ پي پي پ موڊ کي پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪري ڳالهيون ڪرڻ گهرجن….

You might also like