رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڪٻاڙ خاني ۾ پلاسٽڪ جي سامان کي باهه، ٽي ماڻهو بيهوش

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڪٻاڙ خاني ۾ پلاسٽڪ جي سامان کي باهه، ٽي ماڻهو بيهوش
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڪٻاڙ خاني ۾ پلاسٽڪ جي سامان کي باهه، ٽي ماڻهو بيهوش

ڪنڌڪوٽ جي  ڪار اسٽينڊ وٽ ڪٻاڙ خاني مٿان بجلي جي تار ٽٽڻ سبب باهه لڳي وئي، ڪٻاڙ خاني ۾ پيل پلاسٽڪ جي سامان کي باه لڳڻ سبب زهريلو دونهي پکڙجڻ سبب ٽي ماڻهو بيهوش ٿي ويا.

دونهي سبب گ ساه کڻڻ ۾ تڪليف  جي ڪري مائي ڀاڳل شيخ انور ميراڻي ۽ طفيل بيهوش ٿي ويا .

هڪ ڪلاڪ پوء فائربرگيڊ جي ڳاڏي پهتي ۽ باه تي ضابطو آڻڻ کان اڳ ئي فائربرگيڊ ڳاڏي مان پاڻي ختم ٿي ويو جنهن سبب باه وري ڀڙڪي اٿي ۽ دڪان بند  ڪيا ويا .

غلام ياسين لاشاري ٻڌايو ته  انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو ته آبادي واري علائقي ۾ ڪٻاڙخانو مناسب نه آهي پر سندن ڳالهه نه ٻڌي وئي.

هن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته آبادي واري علائقي مان ڪٻاڙ خاني کي منتقل ڪيو وڃي جئين شهري سک جو ساه کڻي سگهن…….

You might also like