ڄام خان شوري جي ضمانت ۾11 جون تائين واڌ، نيب انڪوائريز ڌار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو جي ضمانت ۾11 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين خلاف نيب انڪوائري جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڄام خان شورو خلاف ٻن ڌار ڌار انڪوائريز کي گڏايو ويو آهي، اُنهن ٻنهي انڪوائريز جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. پر ڄام خان شورو جو نالو ناهي، سندس خلاف ڌار ڌار ريفرنس داخل ڪيا ويندا. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي ٻئي انڪوائريز ڌار ڌار ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڄام خان شورو جي ضمانت ۾ 11 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

You might also like