ڀارت کي روڪڻ لاءِ سمورا ادارا اڳتي اچن….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته ڀارتي جارحيت بي نقاب ٿي چڪي آهي، گڏيل قومن سميت سمورن عالمي ادارن کي ڀارت کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي ظلم جي شڪار ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنجاب جي گورنر چيو ته ڀارت ڪشميرين ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي  نسل ڪشي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.

چوڌري محمد سرور جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي  اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي نسل ڪشي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته  ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ۽ هٿين خالي شهرين تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙي رهيو آهي، ڀارت فوج جي وادي ۾ دهشتگردي سڄي دنيا ڏسي رهي آهي.

You might also like