ڀارت جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو….!

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات واري خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪونسل  جو ميمبر بڻجڻ وارو ڀارتي خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سعودي عرب جي دوري دوران وزير اعظم سعودي حڪومت کي ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالي ڪئي پئي وڃي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته گڏيل قومن جهڙي اداري کي ڪمزورن جي دادرسي لاءِ بڻايو ويو هو پر هو ڪشميرين کي بنيادي، انساني، جمهوري ۽ آئيني حق ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ناهن ڪري رهيا، ڪشمير ۾ بدترين صورتحال برقرار آهي پر جيستائين ڀارت پنهنجي قيد ۾ محسو ڪيل ڪشميرين جو محاصرو ختم نٿو ڪري تيستائين پاڪستاني حڪومت ڪي به ڳالهيون نه ڪندي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حقيقي تبديلي ڏانهن هاڪاري قدم کڻي رهيا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مودي هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري هئي، وزير اعظم مودي جي مذمت ڪئي ۽ درخواست کڻي ٻاهر اڇلايو، ڪشمير تان ڪرفيو هٽائڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن جڏهن ته پاڪستان جهاز ڪيرائي هندوستان کي پنهنجي طاقت ڏيکاري چڪو آهي.  اسان اسلامي دنيا ۾ واحد ايٽمي طاقت آهيون، ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، پاڪستان دنيا باور ڪرايو ته خطي جو دشمن ڪير آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. والاريل ڪشمير ۾ محصور ڪشميري ان اجلاس بابت گهڻيون ئي اميدون رکن ٿا، يو اين اسيمبلي  جو اجلاس ان ڪري اهميت تي ٻڌل آهي ڇو ته سڄي دنيا جون نظريون ان تي آهن، وزير اعظم جنرل اسيمبلي ۾ دنيا جي ضمير کي جنجهوڙيندو.

پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته وزير اعظم سعودي عرب ۾ اهم ملاقاتون ڪيون. وزير اعظم چيو ته حرمين شريفين جو تحفظ اسان جي ايمان جو حصو آهي ۽ ان تقدس جي لاءِ سعودي قيادت سان گڏ بيٺا آهيون جڏهن ته وزير اعظم سعودي تيل ريفائنرين تي حملن جي مذمت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.