ٽين ون ڊي: پاڪستان جو انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ جبل جيڏو هدف

برسٽل (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 359 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏئي ڇڏيو.

برسٽل ۾ جاري ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ قومي ٽيم اوپنر امام الحق جي شاندار سينچري جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهيون.

گرين شرٽس طرفان فخر زمان ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر فخر زمان ٻه رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جنهن کانپوءِ 27 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم به 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

ان موقعي تي حارث سهيل ۽ امام الحق ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ حارث سهيل 41 رنسون ٺاهي بدقسمتي سان رن آئوٽ ٿي ويو، ڪپتان سرفراز احمد 27 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جڏهن ته آصف علي شاندار ففٽي اسڪور ڪري ٽيم کي وڏي اسڪور تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ٻئي پاسي امام الحق شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکندي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي، هن پنهنجي اننگز ۾ هڪ ڇڪي ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 151 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته آصف علي 40 بالن تي 52 اسڪور ڪيو.

پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهيون، انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس 4 شڪار ڪيا.

You might also like