تماڪ کپائيندڙ ڪمپني کان فنڊ وٺڻ وارو معاملو، صحت واري وزارت عمران خان جي حمايت ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وزارت تماڪ جي وڪري ۽ سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپني کان ڊيم فنڊ لاءِ رقم وصول ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جي بچاءَ لاءِ ميدان تي اچي وئي.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا طرفان بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ هن عمران خان خلاف سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏنو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت تماڪ جي روڪٿام جي حوالي سان فريم ورڪ ڪنوينشن (ايف سي ٽي سي) تحت پاڪستان ۾ موجود تماڪ جي خاتمي جي مهم تي ڪم ڪندڙ ادارن جي فرضن جي ادائيگي لاءِ پرعزم آهي.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان برٽس آمريڪي ٽوباڪو ڪمپني جي ريجنل ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت لاءِ 50 لک رپين جو چيڪ وصول ڪيو هو.

ان ملاقات جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سماجي تنظيمن وزيراعظم جي ان عمل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي ڊبليو ايڇ او جي ايف سي ٽي سي جي آرٽيڪل 5.3 جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.

ان حوالي سان تمباڪو فري ڪذر جي نالي سان ڪم ڪندڙ اداري جي نمائندي ملڪ عمران جو چوڻ هو ته حيرانگي آهي ته ڊيم فنڊ ۾ ڏنل رقم وفاقي حڪومت جي سالياني بجيٽ کان رڳو ٻه مهينا اڳ ڏني وئي آهي.

ٽوباڪو ڪنٽرول پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر خرم هاشمي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو حيران آهيان ته عمران خان وڏي عرصي کان تماڪ جي خاتمي تي ڳالهائيندو رهيو آهي ۽ ڪينسر اسپتال پڻ هلائي رهيو آهي پر هن هڪ اهڙي اداري کان رقم وصول ڪئي آهي، جيڪو ڪينسر جو ذميوار آهي.

وزيراعظم جي حمايت ڪندي صحت بابت سندس خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته تماڪ جي پکيڙ ۽ استعمال تي ضابطي لاءِ ٽيڪس قدم کنيا ويندا، جنهن سبب ملڪ ۾ هر سال هڪ لک 60 هزار ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ صحت جو شعبو وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته تماڪ جي ڪنٽرول لاءِ به قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ سگريٽ جي پاڪيٽ بنا وڪري، 50 کان 60 سيڪڙو دٻي تي صحت جي حوالي سان تنبيهه ۽ شيشي جي درآمد تي پابندي شامل آهي.

هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ هاڃيڪار شين کان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.

You might also like