نيب حمزا شهباز کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانه دليل ڏيندي چيو ته حمزا شهباز شريف جي 38 ڪروڙ 80 لک جا اثاثا سندس آمدني سان هڪجهڙائي نٿا رکن.

هن ٻڌايو 2015ع کان 2018ع تائين حمزا شهباز اثاثا ظاهر نه  ڪيا ۽ اوچتو حمزا شهباز 2019ع  ۾ چيو ته سندس اثاثا 5 ڪروڙ مان 20 ڪروڙ جا ٿي ويا آهن.

نيب جي وڪيل اهو پڻ چيو ته حمزا شهباز کان پڇو ويو ته پرڏيهه مان جيڪي پئسا ايندا آهن ان جو ذريعو ٻڌايو پر حمزا شهباز نه ٻڌائي سگهيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا حمزا شهباز عدالت ۾ موجود آهي، جنهن تي سندس وڪيل سلمان بٽ چيو ته جي حمزا شهباز عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي.

حمزا شهباز جي وڪيل ٻڌايو ته نيب رڳو گرفتاري جا سبب ۽ انڪوائري ۽ جاچ بابت دستاويز ڏئي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حمزا شهباز جا گرفتاري وارنٽ  نيب چيئرمين جاري ڪيا آهن جنهن تي سندس وڪيل جواب ڏنو ته نيب چيئرمين سندس اصيل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين بنهه قانون موجب ڪنداسين، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز ڪيئي بئنڪ اڪائونٽن مان شڪي ٽرانزيڪشنز ڪئي ۽ سندس خلاف درخواست به ملي. هن ٻڌايو ته حمزا کان آف شور ڪمپنين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن دوران هو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو هو.

حمزا شهباز پنهنجي ضمانت جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون جنهن کان پوءِ نيب اختيارين حمزا شهباز کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو، کيس نيب آفيس ٺوڪر نياز بيگ منتقل ڪيو ويندو.

You might also like