ايڊز متاثرن لاءِ دوائون اڻپوريون، 57 سيڪڙو مريضن جو علاج ناهي ٿيو: ڊبليو ايڇ او

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) رتوديرو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ڦهلجندڙ ايڇ آءِ وي وائرس جي جاچ ڪندڙ جنيوا مان لاڙڪاڻي پهتل عالمي ماهرن جي ٽيم جي سربراهه ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ ڊاڪٽر پليتها مهيپالا ۽ ڪوآرڊينيٽر هيلٿ ايمرجنسي ڊاڪٽر مائيڪل لڪويا طرفان لاڙڪاڻي ۽ رتوديرو ۾ چئن ڏينهن واري ابتدائي جاچ رپورٽ ڊبليو ايڇ او جنيوا هيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏي آهي.

رپورٽ ۾ مختلف رخن کان حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن. ماهرن جي ٽيم طرفان حڪومت کي ڪجهه سفارشون پڻ ڪيون آهن. ماهرين جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي متاثر مريضن جو تعداد 751 آهي جنهن ۾ 604 ٻارڙا شامل آهن پر هن وقت تائين صرف 324 متاثر ٻارڙن ۽ وڏن ماڻهن کي علاج فراهم ڪيو ويو آهي.

اهڙي ريت علاج حاصل ڪندڙ جو ريشو 43 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 57 سيڪڙو متاثر علاج جي سهولتن کان محروم آهن. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته متاثرن کي دوائون فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، پاڪستان وٽ فقط 240 متاثر ٻارڙن کي علاج ڏيڻ لاءِ دوائون موجود آهن جن مان 231 ٻارڙا علاج وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ 9 ٻارڙن کي ئي صرف دوا ملي سگهندي پر اهي دوائون صرف 15 جولاءِ تائين موجود هونديون، بعد ۾ اهي دوائون ختم ٿينديون. جڏهن ته رتوديرو ۾ هن وقت ايڇ آءِ وي جا 364 متاثر علاج جي انتظار ۾آهن جن کي علاج فراهم ناهي ڪيو ويو. رپورٽ ۾ عالمي ماهرن طرفان رتوديرو ۾ آئوٽ بريڪ جي جاچ ۽ متاثرن جي علاج لاءِ جهجهي رقم جي گهر ڪئي وئي آهي.

 ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊبليو ايڇ او کي رتوديرو ۾ آئوٽ بريڪ جي جاچ ۽ ڪنٽرول جي لاءِ 15 لک ڊالرن جي ضرورت آهي، ڊبليو ايڇ او وٽ 2 لک ڊالر موجود آهن وڌيڪ 13 لک ڊالرن جي فوري طور ضرورت آهي جيڪي رقم جاري ڪئي وڃي. عالمي ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾رتوديرو ۾ اسڪريننگ ڪئمپن تي ڊبليو ايڇ او ۽ گهربل ڪٽس نه هئڻ تي اسڪريننگ جي طريقه ڪار تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. عالمي ماهرن پاران ڊبليو ايڇ او کي جاچ سان گڏ مئنيجمينٽ ٽيم جوڙڻ جي به سفارش ڪندي مئنجيمينٽ ٽيم کي ابتدائي طور تي 5 لک اسڪريننگ ڪٽس فراهم ڪرڻ جي سفارش به ڪئي آهي ته جيئن ايڇ آءِ وي انفيڪشن جي وڌيڪ نشاندهي ٿي سگهي.

ڊبليو ايڇ او جي ماهرن پاران پاڪستان کي مشور ڏيندي ڪجهه سفارشون ڪيون آهن ته ايڇ آءِ وي سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ هيلٿ ايجوڪيشن جو سيشن ڪرايو وڃي، مريضن کي علاج ڏيڻ لاءِ ٽريٽمينٽ سينٽر تائين پهچائڻ لاءِ جامع نظام جوڙيو وڃي. هيلٿ ورڪرزن کي متاثر ٻارڙن جي ڪيس مئنجيمينٽ تربيت کان علاوه ايڇ آءِ وي کان بچاءُ جي طريقين بابت ڄاڻ ۽ هاءِ رسڪ گروپس ٽارگيٽ جي لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪرڻ لاءِ به سفارشون ڏنيون ويون آهن. عالمي ماهرن جي ٽيم عيد جي موڪلن کان بعد ڪراچي کان اڄ ٻيهر لاڙڪاڻي پهچندي جتي اهي 11 جون تائين پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد 15 جون تائين حتمي رپورٽ ڊبليو ايڇ او ۽ حڪومت پاڪستان کي فراهم ڪندا.

رتيديري ۾وڌيڪ 11 ايڊز ڪيس ظاهر، ڊبليو ايڇ او جي ٽيم طرفان تعلقي اسپتال جو دورو

لاڙڪاڻو/رتوديرو/ڪشمور (نمائندا ) رتيديري ۽ آسپاس وارن ڳوٺن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو، متاثرن جو انگ وڌي 764 ٿي ويو جنهن ۾ 615 ٻارڙا شامل آهن.

ان سلسلي ۾ ڪالهه صحت کاتي طرفان تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي مرض جي نشاندهي لاءِ اسڪريننگ ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مجموعي طور تي 104 ماڻهن جي اسڪريننگ دوران 11 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ڪئي وئي. اهڙي ريت نئين انگ اکرن موجب ايڇ آءِ وي مريضن جو تعداد 604 مان وڌي 615 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي ڊبليو ايڇ او جي عالمي ماهرن جي ٽيم ميمبرن پاران تعلقي اسپتال رتوديرو جو دورو ڪيو جتي هنن بلڊ اسڪريننگ واري عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سخت گرمي ۾ اسڪريننگ ڪٽس کي فرج يا آئيس باڪس ۾ رکڻ جون هدايتون ڏنيون.عالمي ماهرن جي ٽيم طرفان بلڊ اسڪريننگ ڪٽس جو به جائزو ورتو ويو، ڪٽس جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ بعد ٽيم ڪٽس باڪس پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جي ٽيم طرفان 26 هزار کان وڌيڪ بلڊ اسڪريننگ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ڪشمور جي ڳوٺ علي آباد واسي 25 ورھين جي نوجوان محمد صادق ملڪ کي ايڇ آءِ وي ايڊز جي تصديق ڪئي وئي، وارثن پاران ڪشمور ھيلٿ انتظاميا پاران علاج جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي نوجوان جي اسڪريننگ ٽيسٽ بعد ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ڪشمور ۾ايڇ آءِ وي وائرس ۾مبتلا مريضن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، ڪشمور سول اسپتال ۾ ٽيسٽ جون سھولتون ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ ڪري مبتلا مريض لاڙڪاڻي وڃڻ تي مجبور آهن.

ڊبليو ايڇ او ابتدائي رپورٽ ۾اسان جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي: عذرا پيچوهو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) رتوديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز وائرس ڦهلجڻ بعد صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٽيون ڀيرو لاڙڪاڻي ڊپٽي ڪمشنر جي درٻار هال ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي.

 جنهن ۾ ڊبليو، ايڇ او جي عالمي ماهرن جي ٽيم، يونيسيف جي نمائندن، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ، صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري حفيظ عباسي، ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد سليم رضا کهڙو، لاڙڪاڻي جي چارج رکندڙ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو، چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر عبدالستار شيخ سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊبليو ايڇ او جي عالمي ماهرن جي ٽيم طرفان صحت کاتي جي صوبائي وزير کي رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ڦهلجڻ بابت پنهنجي ابتدائي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ صحت کاتي جي ڪمزورين سميت ٻين معاملن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

 ان کان علاوه صحت کاتي جي عملدارن پڻ صوبائي وزير کي لڳايل ڪئمپن، اسڪريننگ ۽ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن جي علاج سميت ٻين معاملن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. جنهن تي صحت کاتي جي صوبائي وزير اطميمان جو اظهار پڻ ڪيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ڊبليو ايڇ او جي ٽيم طرفان ابتدائي رپورٽ ۾ اسان جي ڪجهه ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪم بابت ٻڌايو آهي ته هو ايندڙ هفتي ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪندا، هن وقت ڪنهن به قسم جي حتمي رپورٽ پڌري ناهي ٿي جنهن جو انتظار آهي، رپورٽ مڪمل ٿيڻ کان بعد ٽيم طرفان رپورٽ شيئر ڪئي ويندي.

هن چيو ته ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن جي لاءِ ٻين هنڌن کان دوائون گهرايون پيون وڃن، جن ٻارڙن کي پيٽ ۾ جيوڙا، ڦڦڙن ۾ تڪليف ۽ ٻيون بيماريون آهن پهريان انهن بيمارين کي ڪنٽرول ڪري ۽ بعد ۾ سندن جو علاج ڪيو ويندو. يونيسيف هن وقت اسان جي رتوديرو ۾ قائم ٽريٽمينٽ سينٽر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پيڊياٽريشن ۽ عورتن لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ بابت اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان گهٽ وقت ۾ 26000 کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪري کين علاج فراهم ڪري انهن مريضن جي ڪائونسلنگ ڪئي آهي جيڪا پوري ملڪ ۾ ڪٿي ناهي ٿي، اسان صحت کاتي ۽ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي ان کان علاوه ليڊي هيلٿ ورڪرن جون ڊيوٽيون لڳائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون.

You might also like