ڇِٽن وارن جو حل اوهان جي رڌڻي ۾ ئي موجود…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو ڇٽن وارن جي ڪري پريشان هجن ٿا ۽ مختلف قسمن جا ٽوٽڪا استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. انهن ٽوٽڪن مان فائدو گھٽ ئي ٿيندو آهي بلڪه فائدي جي بدران اڪثر اسان نقصان ۾پئجي ويندا آهيون. ان ڪري اسان توهان کي هڪ آسان ۽ سستو ۽ نقصان کان پاڪ ٽوٽڪو ٻڌائي رهيا آهيون.

وار گھاٽا ڪرڻ لاءِ سلفر جي ضرورت هوندي آهي، ڇو جو سلفر وارن جي واڌ ويجھه وڌائيندو آهي جنهن سان توهان جا وار گھاٽا ۽ مضبوط ٿي ويندا. سلفر هونءَ ته گھڻين کاڌ خوراڪ جي شين ۾ هوندو آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته بصر ۾ سلفر وڏي مقدار ۾ هوندو آهي. ان ڪري طبي ماهر صلاح ڏين ٿا ته وار گھاٽا ڪرڻ جا خواهش مند ماڻهو بصر استعمال ڪن. گھاٽن وارن لاءِ بصر جو استعمال به آسان آهي. بس بصر ڪَٽيو، مٿي تي تيل جيان مهٽيو. ٿوري دير رهڻ ڏيو ۽ مٿو ڌوئي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان ڪجھه ئي هفتن ۾ توهان کي بهتري محسوس ٿيندي.

You might also like