حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نٿي هٽائي سگهي: چيف جسٽس

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي حڪومت نٿي هٽائي سگهي، اهو سپريم جڊيشل ڪائونسل جو معاملو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڪيمبرج يونين جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران چيف جسٽس کان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لنڊن ۾ ملڪيت جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان جسٽس فائز عيسيٰ کان مني ٽريل گهرندا؟

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو پاڪستاني عدالتن جو مسئلو آهي، ان حوالي سان هتي ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پنهنجي ججن تي اعتماد ڪيو اهي انصاف ڪندا.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نٿي هٽائي سگهي، اهو جڊيشل ڪائونسل جو مسئلو آهي.

واضح رهي ته حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي ٻڌڻي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ 14 جون تي ٿيندي.

You might also like